پاڪستان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي باقاعده سفارتي سطح ذريعي نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو
پاڪستان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي باقاعده سفارتي سطح ذريعي نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو، انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن موجب سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي قانوني ۽ آئيني مشاورت بعد پرڏيهي وزارت، پاڻي وسيلن بابت وزارت ۽ قانون واري وزارت شروعاتي هوم ورڪ ڪري ڇڏيو، نوٽيس ۾ معاهدي جي معطلي جا ڪارڻ طلب ڪيا ويندا، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خلاف عالمي فورمز تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي