سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ اِي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو
سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ هلندڙ سمورين آن لائين ٽيڪسي سروسز لاءِ هڪ ئي نظام آڻڻ ۽ اِي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس، اجلاس ۾ عوام کي سولين قسطين تي اي وي ٽيڪسي گاڏيون فراهم ڪرڻ جي مختلف ماڊلز تي غور ڪيو ويو، وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر جي خصوصي شرڪت،شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي شهرين کي معياي، محفوظ ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اي وي ٽيڪسي سروس سان نه صرف شهر جو ٽيڪسي نظام بهتر ٿيندو پر ماحولياتي گدلاڻ ۾ به واضح گهٽتائي ايندي، اسان ڪراچي ۾ ٽيڪسي گاڏين جي نظام کي هڪ مربوط ۽ جديد انداز ۾ هڪ ڇٽيءَ هيٺان آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،اسانجي خواهش آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ روايتي بسون ٻين ضلعن ۾ منتقل ٿين ۽ شهر جو مڪمل بس نظام اي وي بسز تي منتقل ڪيو وڃي، ڪراچي جي شهرين لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون هلندڙ سال جون تائين پهچي وينديون، نين بسن جي هڪ وڏي کيپ جون جي آخر يا جولاءِ جي شروع ۾ اچڻ جو امڪان آهي