سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان تڪراري ڪينال رد ٿيڻ واري فيصلي جي آجيان
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان تڪراري ڪينال رد ٿيڻ واري فيصلي جي آجيان، چوي ٿو، اها ڪاميابي سنڌ جي اجتماعي شعور، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دانشمنداڻي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي، پيپلز پارٽي سدائين وفاق جي مضبوطي، صوبن جي حقن ۽ عوامي خوشحاليءَ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي، اها ڪنهن جي شڪست يا فتح نه آهي، اها پاڪستان جي سوڀ آهي، اها آئين جي بالادستي، قومي يڪجهتي ۽ انصاف جي اصولن جي فتح آهي