وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو ٽيليفونڪ رابطو
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو ٽيليفونڪ رابطو، وزيراعظم جو بندر عباس ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو پهلگام حملي سان ڪو واسطو ناهي، پاڻي کي هٿيار جي طور استعمال ڪرڻ قبول ناهي، پاڪستان پنهنجي حق جو دفاع ڪندو، خطي ۾ امن چاهيون ٿا، ايران به ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ته آجيان ڪنداسين، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سنڌ طاس معاهدي موجب پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ يا رخ موڙڻ جي ڪوشش جو جواب پوري قوت سان ڏينداسين