ڀارت دراندازي ڪئي يا حملو ڪيو ته اندازي کان وڌيڪ جواب ڏنو ويندو:خواجا آصف
ڀارت دراندازي ڪئي يا حملو ڪيو ته اندازي کان وڌيڪ جواب ڏنو ويندو، ڀارت ڇڪتاڻ نه وڌائي ته پاڪستان به فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪندو، اسان ڇڪتاڻ وڌائڻ نه ٿا چاهيون ۽ نه ئي ڪنهن قدم جي اڳرائي چاهيون ٿا:دفاعي وزير خواجا آصف جو روسي ميڊيا کي انٽرويو،سندس چوڻ آهي ته ڀارت طرفان خطرو اڃا به موجود آهي، ڀارت ايئن ئي ڊرامو ناهي رچايو، پهلگام حملي جي ساک تي تمام وڏو سواليه نشان آهي، اسان دشمن کي منهن ڏئي رهيا آهيون جنهن تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي،