تازه ترين
ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري:شرجيل انعام ميمڻ

ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري،پوليس طرفان ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي 15 ھزار 2سئو 17 موٽر سائيڪلون تحويل ۾ ورتيون ويون، فينسي نمبر پليٽس ۽ ڪارن شيشن خلاف هڪ ھزار 124 ڪارروائيون ڪيون ويون، ڪارروائي دوران 274 ھيوي ۽ ننڍين گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چوي ٿو، ڪريڪ ڊائون عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙيون برداشت جوڳيون ناھن، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، شھري قانون جي پابندي ڪن ۽ هڪ مھذب ۽ ذميوار معاشري جو حصو بڻجڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ، مھم جو مقصد محفوظ ۽ قانون تي ٻڌل ٽرانسپورٽ نظام قائم ڪرڻ آھي

خبرون