تازه ترين
اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ماڻهو خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. راولپنڊي، لاهور، شيخو پورا، ساهيوال، اوڪاوڙا، سرگوڌا ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ايبٽ آباد، مردان، چنيوٽ، ڪوهاٽ، لوئر دير، اپر دير، صوابي، سوات، گلگت بالاڪوٽ، شب قدر، بٽ گرام، چترال، مالاڪنڊ، هري پور ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي اونهائي 94 ڪلوميٽر ۽ مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جي بارڊر وارو علائقو هو

خبرون