ڪوئيٽا: دِڪي واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 5 دھشتگرد مارجي ويا
بلوچستان جي دِڪي واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 5 ڄڻا دھشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب دڪي واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دھشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب مارجي ويل دھشتگردن جو تعلق پابندي مڙھيل تنظيم سان ھو