تازه ترين
 آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران  سياسي مخالفن کان انتقام نه وٺڻ جو اعلان

نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي 47هين صدر طور حلف کڻي ورتو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران سياسي مخالفن کان انتقام نه وٺڻ جو اعلان، سڄي ملڪ ۾ سرڪاري سينسرشپ ختم ڪرڻ جو به اعلان، حلف برداري تقريب کانپوءِ پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هاڻي آمريڪا ترقي ڪندو، پنهنجي دور ۾ آمريڪا کي اوليت ڏيندس، هـُو رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ختم ڪندو، سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻيندو،ڊونلڊ ٽرمپ جي اميد، ٽرمپ پاران ڏاکڻي سرحدي علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي فوري واپس موڪلڻ، نار ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪرڻ ۽ پاناما ڪينال واپس وٺڻ جو اعلان، ڪنهن کي به پاناما ڪينال استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اڄ کان آمريڪا جو زوال ختم ٿي ويو، سونهري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، اسانجو منشور سڀ کان پهرين آمريڪا آهي، مهانگائي جي لهر کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻنداسين، آمريڪا کي عظيم بڻائڻ لاءِ مونکي نئين زندگي ملي، پاڻ کي امن ۽ اتحاد وارو شخص چورائڻ چاهيان ٿو

خبرون