پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ کي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي
پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ کي سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، ڏڦيڙ ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي، چاهيون ٿا ته تحريڪ انصاف سياسي ڌارا ۾ شامل ٿئي، ڏڦيڙ جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ بھتري طرف وڌي رھيو آھي، پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ پرڏيهي آندا ويا، اھي پرڏيھي دھشتگردي جي واقعن ۾ ملوث رھيا آھن، عدالتون به روڪين ٿيون ته ڊي چوڪ تي نه اچو،ھتي رينجرز، پوليس ۽ عام شھرين جون جانيون ضايع ٿيون، سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جا ذهن خراب ڪيا پيا وڃن،صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جون سعيد غني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهيون، صوبائي وزير سعيد غني چوي ٿو، ملڪ کان ٻاھر ويٺل ماڻھو پي ٽي آءِ جي سياست کي ڪنٽرول ڪري رھيا آھن،هي روڊن تي نڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا،پي ٽي آءِ کي انهن ملڪ مان فنڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪي پاڪستان جي ترقي نٿا چاهين، تحريڪ انصاف کي پرڏيهي فنڊنگ ٿي، جنهن جا ثبوت موجود آهن، هنن کان ڪير به پچڻ وارو ناهي، اسلام آباد واقعي جي ضمانت به ملي ويندي،ڇهن ڪينالن تي پ پ جي وفاق سان ڪاوڙ ٺهي ٿي