تازه ترين
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو معذورن جي عالمي ڏينهن تي پيغام

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو معذورن جي عالمي ڏينهن تي پيغام، چوي ٿو،معذور ماڻھن لاءِ هڪ جامع ۽ برابري وارو معاشرو بڻائڻ جي جدوجھد جاري رکنداسين، هڪ بھتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻھن جو ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي به تسليم ڪرڻو پوندو،پيپلز پارٽي ھميشه پٺتي پيل طبقي سميت معذور ماڻھن جي حقن جي تحفظ ۾ اڳتي اڳتي رھي آھي، روزگار ۾ ڪوٽا کان وٺي تعليمي پاليسي جي لاڳو ڪرڻ تائين سمورا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، پيپلز پارٽي معذور ماڻھن کي معاشري ۾ برابر طور تي شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آھي، معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا فراھم ڪرڻ ۽ بنيادي سھولت تائين پهچ ڏيڻ صرف قانوني ذميواري ناھي، اسان کي هڪ اھڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو جتي معذور ماڻھو سميت ھر شخص ترقي ڪري سگھي

خبرون