آسٽريليا پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
آسٽريليا پهرين ون ڊي مئچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ميلبرن ۾ کيڏيل مئچ ۾ آسٽريلوي ٽيم 204 رنسن جو ٽارگيٽ 8 وڪيٽن جي نقصان 34هين اوور ۾ پورو ڪيو، آسٽريليا طرفان جوش انگلس 49 ۽ اسٽيو سمٿ 44 رنسون ٺاهيون، حارث رئوف 3 ۽ شاهين آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان 44 رنسن جي اننگز کيڏي، فاسٽ بالر نسيم شاهه شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي چئن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 40 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا 2 – 2 وڪيٽون ورتيون