تازه ترين
ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي

اين ڊي ايم اي ملڪ ۾ تيز برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪندي لاڳاپيل ادارن کي ضروري حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان 26 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي لاڳاپيل کاتن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 26 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين پنجاب، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي چيو آهي ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ 26 کان 28 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برساتون ٿي سگهن ٿيون.

خبرون