اسان جي فيملي پاڪستان جو “ڪپور ڪٽنب“ آهي پر منهنجو والد ڪنهن جي سفارش ناهي ڪندو: مومل شيخ
پاڪستان جي ليجنڊ اداڪار جاويد شيخ جي ڌيءُ اداڪارا مومل شيخ پنهنجي خاندان کي پاڪستان جو ”ڪپور خاندان“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مومل شيخ پاران تازو اداڪاره اشنا شاهه کي ڏنل هڪ انٽرويو جو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي خاندان کي بالي ووڊ جي جڳ مشهور ڪپور خاندان سان ڀيٽائيندي نظر رهي آهي. انٽرويو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي مومل شيخ چيو ته جيڪڏهن بهروز سبزواري (جاويد شيخ جو ڀيڻيوو) ۽ سليم شيخ (جاويد شيخ جو ننڍو ڀاءُ) جي ڪٽنبن کي به سندن خاندان ۾ شامل ڪيو وڃي ته پوءِ اسان جو خاندان به ڀارت جي مشهور شوبز ڪٽنب ”ڪپور“ جهڙو ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو والد جاويد شيخ اهڙي طبيعت جو ماڻهو آهي، جو هو ڪڏهن به ڪنهن لاءِ سفارش نه ڪندو آهي، هو ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجي ٻارن جي مدد لاءِ نه چوندو آهي. اداڪارا جي ان ڳالهه تي ميزبان اشنا شاهه پڇيو ته ان ڳالهه جو مقصد ڇا آهي؟ تون اها ڳالهه ڇو پئي ڪرين؟ ان تي مومل جواب ڏنو ته جڏهن ڪپور خاندان وارا چون ٿا ته هو ڪپور آهن ۽ پنهنجا نوازيءَ کي هٿي وٺرائين ٿا پر اسان جو خاندان ائين نٿو ڪري.