تازه ترين
سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ اولھه کان 2 سئو ڪلوميٽر پري ٿي ويو

موسميات کاتي سامونڊي طوفان اسنيٰ لاءِ ڇھون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي . موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان عربي سمنڊ جي اتر اوڀر ۾ موجود آھي. گذريل 9 ڪلاڪن کان سامونڊي طوفان اولھه طرف وڌي رھيو آھي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ اولھه کان 2 سئو ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. موسميات کاتي موجب طوفان سبب شھر ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رھندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بدين، ٺٽو، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الھيار ۾ برسات پوندي. موسميات کاتي موجب ھن وقت 70 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ سان ھوائون گھلي رھيون آھن.

خبرون