تازه ترين
 مٽياري: صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان جو برسات متاثر علائقن جو دورو

صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان، مٽياري جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. دوري دوران بحالي کاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان چيو ته بندن جي صورتحال تمام خراب آھي، جنهن ڪري هو دورا ڪري جائزو وٺي پيو. هن چيو ته بندن تي ترسيل ماڻھن کي جلد رليف فراھم ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. صوبائي وزير مخدوم محبوب زمان چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مٽياري ضلعي جي ھارين ۽ زميندارن جي نقصان لاءِ پڻ رليف پيڪيج جي سفارش ڪندو.

خبرون