Thu May 25 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي:سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت ۾ امن امان بابت اجلاس * اجلاس ۾ آءِ جي کي نه گهرايو ويو، اي آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جيز شريڪ * اجلاس ۾ طلب ناهي ڪيو ويو، اسلام آباد آيل آهيان: اي ڊي خواجه * آءِ جي فون ڪرائي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو هو: اي آءِ جي ٽريفڪ * اجلاس ۾ شرڪت کان ڪنهن کي ناهي روڪيو: ترجمان آءِ جي سنڌ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * آءِ جي سنڌ کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب خلاف شرميلا فاروقي جي درخواست تي ٻڌڻي، 8 جون تي ڌرين کي ٻڌنداسين: عدالت * مون کي 21 سالن لاءِ نا اهل قرار ڏيڻ قانون جي خلاف ورزي آهي: شرميلا فاروقي * نا اهلي 10 سالن جي لاءِ هوندي آهي: وفاقي حڪومت جي وڪيل جو موقف * 21 سالن لاءِ نا اهليءَ وارو فيصلو غلط آهي: وفاقي حڪومت * شرميلا فاروقي کي 21 سالن جي لاءِ نا اهلي ان وقت جي قانون موجب صحيح آهي: نيب جو وڪيل * نيب قانون 1999ع ۾ ٺهيو، شرميلا فاروقي پلي بارگين 2001ع ۾ ڪئي: نيب جو وڪيل * ان وقت جي نيب قانون مطابق نا اهلي 21 سال هئي، جيڪا بلڪل درست آهي: وڪيل نيب * ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ۽ يو اين او وفد جي ملاقات * وڏي وزير کي لنڊن ۾ ٿيندڙ فيملي پلاننگ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت * اسلام آباد: عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ جعلي مني ٽريل جمع ڪرائي:دانيال عزيز * اسلام آباد: عمران جمائمه جو ڪو بيان سامهون ناهي آندو: دانيال عزيز * عمران خان ملڪيت ڪاري ناڻي مان خريد ڪئي: دانيال عزيز * عمران خان جي هڪ هڪ ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو ويندو:دانيال عزيز * اسلام آباد: ن ليگ اقتدار ۾ ايندي ئي سازشون شروع ڪيون: نعيم الحق * نواز شريف پاڻ کي ڊان ليڪس مان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي:نعيم الحق * مٺي: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ پهچندا، ٻئي اڳواڻ ٿرڪول بلاڪ 2 تي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ پاور پلانٽ جي ڪم جو جائزو وٺندا * وڏي وزير پاران تڪراري ٿرڪول گوڙاڻو ڊيم جي افتتاح ڪرڻ جو امڪان، حفاظتي انتظام سخت * اسلام آباد: آدمشماري جو عمل مڪمل ٿيڻ تي پوري قوم مبارڪن جي حقدار آهي: مريم اورنگزيب * فرض سرانجام ڏيندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: مريم اورنگزيب * وزيراعظم جي نظريي مطابق آدمشماري جو عمل بهتر طريقي سان مڪمل ڪيو ويو: مملڪتي وزير * عوام جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ وڌيڪ رستا کلندا: مريم اورنگزيب * آدمشماري بعد معاشي منصوبه بندي ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجو جي ضمانت ۾ 15 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي * غلام قادر پليجو خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ آهي: نيب * غلام قادر پليجو خلاف جاچ جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن: عدالت جو نيب کي حڪم * ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ ٿي * اسلام آباد:قائد اعظم يونيورسٽي هڪ هفتي کانپوءِ کولي وئي * ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙي کانپوءِ يونيورسٽي کي بند ڪيو ويو هو * شاگرد ڪائونسلز ختم ڪيون ويون آهن: يونيورسٽي انتظاميا * شاگردن جي ڪائونسلز نالي تي ڪا به سرگرمي نه ٿيندي: نوٽيفڪيشن * مردان: عبدالولي خان يونيورسٽي جو گارڊن ڪيمپس کوليو ويو * ڪراچي:اورنگي 5 ۾ پراسرار گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت، فوتي اهلڪار جي سڃاڻپ گل خان جي نالي سان ٿي * ڪوهاٽ:سماري روڊ تي مبينا مقابلو، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مقابلي دوران فائرنگ ۾ دهشتگرد انعام الله مارجي ويو:پوليس * دهشتگردن پاران دستي بم حملي ۾ هڪ اهلڪار زخمي: پوليس * ڪراچي: سينٽرل جيل ۾قتل جي جوابدارکي ڦاهي ڏني وئي * جوابدار مختيار راجپوت کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي * ڄامشورو: ڪوئلي جي کاڻ ۾گئس ڀرجڻ سبب 3 پورهيت فوت، فوتين ۾ علي شير، وحيد علي ۽ مدد علي شامل، ڪيترائي بيهوش * خانپور:عيدگاهه ويجهو معمولي ڳالهه تان پورهيت قتل * جوابدار انعام پنهور بندوق جا فائر ڪري صداقت کي قتل ڪيو * عمرڪوٽ:بس روڊ پار ڪندڙ 2 عورتن مٿان چڙهي وئي، گودي ڪولهڻ فوت، هڪ زخمي * سيوهڻ:انڊس هاءِ وي کي ڊبل روڊ نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو * جيڪب آباد: اسپيشل ٻارڙن جو اسڪول شادي حال ۾ تبديل، پرنسپال پڙهائي دوران موڪل ڪرائي ٻارڙن کي گهر موڪلي ڇڏيو * ڪراچي: سيپڪو ملازمن پاران پگهارون وڌائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه، مٺياڻي، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا * خانپور: سينيئر صحافي رحيم لاڙڪ جي گهر واري دل جو دورو پوڻ سبب فوت * ميرپور ماٿيلو: ڏهرڪي پوليس پاران مبينا قتل ڪيل پورهيت رزاق لاڙڪ جو مک جوابدار نواز شر پوليس جو مهمان بڻيل * ڏهرڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو ۽ وڏي منشي رياض سيلرو کي به پوليس لائين ۾ سهولتون مليل * ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ به ٻوٽو نه ٻاريو، مک جوابدار نواز شر کي بغير هٿڪڙين جي رمانڊ لاءِ ڪورٽ پهچايو، پوليس جوابدارن کي بچائڻ لاءِ سرگرم * سانگهڙ: پاڻيءَ جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پرويز چانڊيو قتل، 5 ڄڻا زخمي * سجاول: امين پٺاڻ تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي شٽربند هڙتال * نصير آباد: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت افروز خاتون واهوچو زخمن جا سور نه سهندي ڪراچيءِ جي اسپتال ۾ فوت * راڻيپور: ڳوٺ عبدالله سهتو ۾ پسٽل صاف ڪندي گولي لڳڻ سبب نوجوان راجا سهتو فوت، علائقي ۾ آپگهات جا چوٻول * شهدادڪوٽ: اڳوڻو صوبائي صلاحڪار نور نبي جوڻيجو 83 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو * فيض گنج:تعليم جي موضوع تي سيمينار، زوهيب زرداري، تعليمي ماهرن ۽ شهرين جي شرڪت * ميهڙ: باءِ پاس ويجهو بخاري هوٽل تي ويٺل مصري چانڊيو کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو * ميهڙ: ڪوئيٽا کان خضدار ويندي 2 ڄڻا پراسرار نموني گم * امتياز مڱڻهار ۽ علي گوهر قمبراڻي جا موبائل نمبر بند * لاهور: ڀارتي شهري عظميٰ واهگه بارڊر ذريعي ڀارت پهچي وئي:ڀارتي ميڊيا * عظميٰ 25 ڏينهن کانپوءِ ڏيهه پهتي: ڀارتي ميڊيا *

دنيا جون 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون

دنيا جون 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون

پاڪستان سميت سڄي دنيا جون 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون. عورتن کي گهر سنڀالڻ سان گڏ مختلف مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي، جنهن سبب اهي ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. جيڪو نه رڳو ماءُ پر ٻارن لاءِ به نقصان جو سبب بڻجندو آهي. مختلف ملڪن ۾ ڪيل تحقيق موجب پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون. آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون خاص طور تي ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿيون ڇو ته انهن کي آفيس سان گڏ گهريلو ذميواريون به نڀائڻيون پونديون آهن. ڪجهه عورتون معاشي تنگي ۽ ساهرن ۾ خراب سلوڪ سبب به ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون جنهن سبب نه رڳو گهريلو زندگي سخت متاثر ٿئي ٿي پر ڄمندڙ ٻار سميت سمورن ٻارن جي زندگي تي به خراب اثر پوندو آهي. تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته عورتون مردن کان ٻيڻ تي ڊپريشن جو شڪار رهن ٿيون.     (تاريخ: آچر 09 مارچ 2014 ٽائيم: 11:50 )


Design & Developed by Aftab Tunio