تازه ترين
صدر آصف علي زرداري پاران سياسي پارٽين کي مفاهمت جو پيغام

صدر آصف علي زرداري پاران سياسي پارٽين کي مفاهمت جو پيغام، اختلاف گڏجي ويهي حل ڪرڻ جو مشورو، ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻو پوندو، سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي، گڏجي اڳتي وڌنداسين ته جمهوريت مضبوط ٿيندي، اهڙو سياسي ماحول جوڙڻو پوندو جنهن ۾ گرمي گهٽ ۽ روشني وڌيڪ هجي، اسان سڀني کي هڪ قدم پوئتي هٽڻو پوندو، حقيقي ڪوشش ڪريون ته سياسي گرمي پد ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا، اسانجي ايجنڊا ۽ خيال ئي ملڪ کي مضبوط بڻائيندا، صدر آصف علي زرداري جو پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ صدر طور منهنجي فيصلن تاريخ رقم ڪئي، صدر جِي حيثيت سان پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪرڻ جِي چونڊ ڪئي، دهشتگرد عنصر جو خاتمو آڻينداسين، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، جن قوم جَي دفاع لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پارليامينٽ جَي گڏيل اجلاس کي صدر آصف علي زرداريءَ جَي خطاب دوران مخالف ڌر ميمبرن جو گوڙ، نعريبازي، اسپيڪر جِي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، احتجاج دوران ليگي ميمبر وزيراعظم شهباز شريف جِي حفاظت لاءِ سندس آڏو بيهي رهيا..........

خبرون