تازه ترين
آرمي چيف جنرل سان سعودي عرب جي معاون دفاعي وزير جي ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي معاون دفاعي وزير ميجر جنرل طلال بن عبدالله جي ملاقات، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي پيداوار ۽ فوجي تربيت سميت ٻطرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ، آرمي چيف رائل سعودي لينڊ فورسز جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ پاڪ فوج جي لاڳيتو حمايت جي تصديق ڪئي، معزز مهمان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين، قربانين ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ فوج جي خدمتن جو اعتراف ڪيو، معزز مهمان جِي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل پاڪ سعودي دفاعي سهڪار جي پنجين اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي، ٻنهي ڌرين دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي مستحڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو........

خبرون