Thu Mar 30 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ لاهور جي ڊي جي نيب کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم * عدالت ڊي جي نيب عاليه رشيد کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو *راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران آزاد ڪشمير ريجمينٽ سينٽر جو دورو: آءِ ايس پي آر * آرمي چيف نون ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ کي بيج لڳايا:آءِ ايس پي آر * بيج لڳائڻ واري تقريب ۾آرمي چيف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي * آزاد ڪشمير ريجمينٽ ملڪ جي بچاءِ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف * آزاد ڪشمير ريجمينٽ جا 3 هزار 842 جوان شهيد ٿيا آهن: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن بابت ريفرنس داخل * اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو * جوابدارن تي 881 غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي: نيب جو الزام * ڀرتيون ايس آر پي حيدرآباد لاءِ ڪيون ويون: نيب * جعلي ڀرتين ذريعي قومي خزاني کي 50 ڪروڙن جو نقصان پهچايو ويو:نيب * ڀرتيون سپاهي، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ٻين عهدن لاءِ ڪيون ويون:نيب * سپريم ڪورٽ معاملي جو ميڊيا رپورٽن تي نوٽيس ورتو هو * جوابدارن خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال، ڪرپشن تحت ريفرنس داخل * منتظم جج جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ سبب ريفرنس جي ٻڌڻي منظور نه ٿي * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾چنگچي رڪشا تي پابندي خلاف اپيلن تي ڪيس جي ٻڌڻي * سپريم ڪورٽ پاران منظور ٿيل ڪمپنين جا رڪشا هلائڻ جو حڪم * ڪراچي ۾ 1950 ع جون بسون هلي رهيون آهن ، سڄي ملڪ ۾ چنگچي رڪشا پکڙيل آهن: جسٽس گلزار احمد * موٽر سائيڪل جي پويان رڪشا ڇو هلي رهيا آهن؟، هـِي خطرناڪ چنگچي رڪشا آهن،مــُڙڻ تي ڪلٽي ٿي ويندا آهن:عدالت * حڪومت ميٽرو، گرين بس، اورينج لائين ٽرانسپورٽ هلائي رهي آهي:عدالت * چنگچي رڪشن جي نظام کي ڏسڻ وارو ڪير به ناهي: جسٽس گلزار احمد * حڪومٽ وٽ غير قانوني چنگچي رڪشن جو انگ اکر موجود ناهي:عدالت * حڪومت کي هاڻي هـِي مسئلو به حل ڪرڻو آهي : جسٽس گلزار احمد جا ريمارڪس* اسلام آباد: چيني سفير سن وي ڊونگ جو سيمينار کي خطاب * سي پيڪ ۾ پاڪستاني ادارن جي سهڪار تي ٿورائتو آهيون: سن وي ڊونگ * چين هڪ روڊ ۽ هڪ بيلٽ جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي: سن وي ڊونگ * هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪ سي پيڪ جي حمايت ڪن ٿا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ جو مقصد علاقائي سهڪار ۽ واپار وڌائڻ آهي: سن وي ڊونگ * توانائي جا ڪيترائي منصوبا 2018 تائين مڪمل ٿي ويندا: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان علائقائي رابطا وڌائڻ ۾ مدد ملندي: سن وي ڊونگ * سي پيڪ سان ترقي جو سفر تيزي سان طئي ٿيندو: سن وي ڊون* ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس * ٽرانسپورٽ وارو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اجلاس ۾ شريڪ * اجلاس ۾ بلو لائين ۽ انٽر سٽي بس سروس منصوبي تي غور ڪيو ويو * شهر ۾ 8 هزار نين گاڏين جي ضرورت آهي: ٽرانسپورٽ وارو وزير ناصر شاهه * نين بسن جي انشورنس سنڌ انشورنس ڪمپني ڪري: ناصر شاهه * ٻيون ڪمپنيون ڪراچي جي بسن جي انشورنس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: ناصر شاهه * وڏي وزير انٽر سٽي بس سروس لاءِ 6 سئو بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي * هلندڙ بسن جي حالت خراب آهي، نيون بسون آنديون وينديون:وڏو وزير مراد علي شاهه * بلو لائين سهراب ڳوٺ کان گرومندر تائين هلنديون مراد علي شاهه * بلو لائين ۾ روزانو 3 لک 57 هزار شهري سفر ڪري سگهندا: وڏو وزير * بسن جي کوٽ سبب شهري بسن جي ڇتن تي سفر ڪندا آهن: مراد علي شاهه *ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ٻن ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي 462 ۽ 17 ارب رپين جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي * عدالت پاران ڊاڪٽر عاصم حسين کي 50 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت * ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙ ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت منظور ڪئي * سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٻن ججن جي اختلافي فيصلي تي معاملو ريفري جج ڏانهن موڪليو ويو هو ‏ *سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي جي پهرين بلاڪ ۾ گهر ڳڻپ ۽ آدمشماري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن لاءِ گهرن کان محروم ماڻهن جي به ڳڻپ ڪئي وئي،ٻئي بلاڪ ۾ 31 مارچ کان 2 اپريل تائين گهر ڳڻپ شروع ڪئي ويندي * ايم ڪيو ايم سربراهه فاروق ستار جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون * ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن کي بهتر نموني سمجهي ٿي:فاروق ستار * سياست ڪرڻ وارا ورهايل نظر اچن ٿا؛ فاروق ستار * اسان جي آڏو ڪيترائي چئلينجز آهن: فاروق ستار * هن وقت متحده پاڪستان سخت امتحان ۾ آهي: فاروق ستار * ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 22 سئو مڪاني نمائندا آهن:فاروق ستار * 30سيڪڙو ڪارڪنن جي پارٽي سان جذباتي وابستگي آهي:فاروق ستار * اسان ڪارڪنن جي ڊي بريفنگ ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر فاروق ستار * ڪنهن به نظريي ڏيڻ واري سان ڪارڪن جي جذباتي وابستگي هوندي آهي: فاروق ستار * مون کي پيغام ڏنو ويو ته جڏهن چاهيون توکي گرفتار ڪيون، جڏهن چاهيون آزاد ڪيون: فاروق ستار * حڪومت کي گهرجي ته 22 آگسٽ وارا ڪيس ختم ڪري:فاروق ستار * ڪراچي: مقامي عدالت ۾ سليم شهزاد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي * سليم شهزاد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو * سليم شهزاد خلاف لانڍي ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪيس داخل آهي * سليم شهزاد ڪيس ۾ روپوش هو: جاچ آفيسر * عدالت جاچ آفيسر کي 12 وڳي تائين رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم * منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل آهن: سليم شهزاد * پاڪستان زندهه باد جو نعرو هڻڻ جي سزا ڏني پئي وڃي: سليم شهزاد * جيل مان آزاد ٿيڻ بعد اهم انڪشاف ڪندس: سليم شهزاد * سيوهڻ: صحت کاتي پاران سيوهڻ سانحي جي گم ٿيل ماڻهن جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري * 21 ڄڻن مان هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي * شڪارپور واسي گل بخت بروهي، صادق آباد جي 18 مهينن جي بيبي سويرا ۽ گمبٽ واسي صدورو مهر طور سڃاڻپ ٿي وئي * مٺي: ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوجوان شاعر الماد عابد نهڙيو ۽ سندس ٻن سئوٽن کي 22، 22 سال ۽ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي * جوابدارن تي ٿر ڪول ايريا ڏانهن ويندڙ پاڻي واري پائيپ لائين کي ساڙڻ جو الزام آهي * ٺٽو: سونڊا ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 8 شاگرد زخمي، اسپتال داخل * وڳڻ : ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، وڪيل علي حسن مغيري هٿ * ايس ايڇ او سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت طلب * ميهڙ: عوامي اتحاد جي لياقت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن خلاف دادو تائين ريلي ڪڍي وئي * سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي، ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: لياقت جتوئي * حيدرآباد:قاسم آباد ۾ پوائنٽ بس جو رڪشا کي ٽڪر، 15ورهين جو شاگرد گل محمد شاهه فوت * فوتي شاگرد جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * خانواهڻ: بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال * مسو ڀرڳڙي: ٻڍاڻي ٿاڻي جي حد مان اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ * جهل مگسي: ڳوٺ ڪٽوهر ۾ هٿياربند هٿان ٻه عورتون ۽ نينگر قتل * جوابدار گلزار واقعي بعد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو * ڇاڇرو: ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ گيسٽرو وبا جي صورت اختيار ڪري وئي * ٻن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا گيسٽرو وگهي فوت، 40 مبتلا * فوتي ٻارن ۾ عرس سمون، آصف عمراڻي ۽ ڪامران سمون شامل * صحت کاتي ٿرپارڪر ۾ ڪو به نوٽيس ورتو * ڪراچي: اولڊ سٽي ايريا مان گاڏي مان هڪ شخص جو لاش هٿ * مقتول جي سڃاڻپ 32 ورهين جي عاطف طور ٿي آهي: پوليس* دادو: خانگي اسپتال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هڪ سال جي معصوم ٻارڙِي فوت ٿي وئي * ٽنڊو جان محمد:هندو برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان مندر کي سيل ڪيو ويو * غوثپور: ڳڙهي لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، رشيد اوڳاهي فوت، شيرل زخمي * چڪ: رستم روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ٻن شاگردياڻين سميت 4 ڄٺڻا زخمي * نوشهروفيروز: بجلي جي تار ڪرڻ سبب ٽائون ڪميٽي جي پارڪ ۾ باهه، ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو * باڊهه: ڳوٺ گند ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عبدالخالق ساريو فوت

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو انصاف ڏيڻ تي عدالت جو ٿورائتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پي پي ايم پي اي شرجيل ميمڻ پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب جي وڪيل پاران حفاظتي ضمانت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي. جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته شرجيل ميمڻ کي حفاظتي ضمانت ڇو نه ڏني وڃي، عدالت آڏو پيش ٿيو آهي انڪري هاڻي هو جوابدار ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا هي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. نيب جي وڪيل چيو ته شرجيل ميمڻ حفاظتي ضمانت جو غلط استعمال ڪيو. جنهن تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته عدالت حڪم نه ڏيندي ته نيب جوابدار کي ڪراچي منتقل ڪري، جوابدار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد شرجيل انعام ميمڻ جي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض 5 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اچي پاڻ کي عدالت آڏو پيش ڪيو آهي، انصاف ڏيڻ تي هو عدالت جو ٿورائتو آهي. سندس چوڻ هو ته هن ڪيس ۾ 16، 16 ماڻهو ضمانت تي آزاد آهن، اهو ريفرنس سندس غير موجودگي ۾ داخل ڪيو ويو هو.....     (تاريخ: سومر 20 مارچ 2017 ٽائيم: 17:02 )


Design & Developed by Aftab Tunio