حج جون رسمون اڄ کان شروع، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين حاجين جي منيٰ ڏانهن روانا
حج جون رسمون اڄ کان شروع، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين حاجين جي منيٰ ڏانهن روانا، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين حج پانڌيئڙا خميس جي صبح تائين منيٰ ۾ عبادت ۾ مصروف رهندا، اڄ پنهنجي رهائشگاهه کان احرام ٻڌڻ کانپوءِ حاجي 2 رڪعتون نفل نماز ادا ڪري منيٰ لاءِ روانا ٿيندا، حاجي اڄ منيٰ ۾ ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاء جون نمازون ادا ڪندا، 9 ذوالحج تي عرفات جي ميدان ڏانهن روانا ٿيندا ته جيئن حج جو مکيه وقوف ادا ڪري سگهن
Designed & Developed by
Aftab Tunio