مسجد نمرا مان مسجد الحرام جي امام شيخ صالح بن عبدالله جو حج جو خطبو
الله تعاليٰ سڄي مخلوق کي تقويٰ جو حڪم ڏنو آهي، تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جو شان آهي، تقويٰ اختيار ڪرڻ وارن لاءِ آخرت ۾ سٺو انجام آهي، ماڻهن سان صلح رحمي سان پيش اچو، دشمن کي معاف ڪيو، ننڍي کان ننڍي نيڪي کي به گهٽ نه سمجهو، الله تعاليٰ فخر ۽ تڪبر ڪندڙن کي پسند ناهي ڪندو، الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪمن جي پاسداري ڪريو، جن شين کان روڪيو ويو آهي انهن کان پري رهو، الله چوي ٿو خير جو ڪم ڪندڙن لاءِ آخرت ۾ جنت هوندي، نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ دنيا ۾ به خير ۽ برڪت هوندي: حج جي رڪن اعظم وقوف عرفه دوران عرفات جي ميدان تي واقع مسجد نمرا مان مسجد الحرام جي امام شيخ صالح بن عبدالله جو حج جو خطبو، سندس چوڻ آهي ته شيطان انسان جو دشمن آهي، شيطان کان بچو، الله توهان کي آزمائيندو آهي، الله هر شيءِ جو وقت مقرر ڪيو آهي نيڪ ماڻهو جنت ۾ ويندا ۽ هميشه اتي رهندا، حج جـَي خطبي کانپوءِ ظهر ۽ عصر جي گڏيل نماز ادا ڪئي وئي