اسان جي ويڙھه ھارين لاءِ آھي:سعيد غني
اسان جي ويڙھه ھارين لاءِ آھي،ڪنهن وزير کي ڪينال کان وڌيڪ ڪڻڪ جو مسئلو لڳي ٿو ته آئون ڇا چئي سگھان ٿو، پنجاب ۾ 80 سيڪڙو جر جو پاڻي کارو ٿي چڪو آھي، سنڌ ۾ 90 سيڪڙو جر جو پاڻي کارو آھي، جيڪو ھارپي ڪرڻ جوڳو ناھي: صوبائي وزير سعيد غني جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته اسان ڪينال تي ڳالھائڻ چاھيون ٿا، ھو اسان کي ڪڻڪ جي طرف وٺي وڃڻ چاھين ٿا، ھميشه ھاري پيپلز پارٽي جي دور ۾ خوشحال ٿيو آھي، پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ھارين لاءِ قدم کنيا آھن،ڪڻڪ ۽ ڪينال جي معاملي کي گڏ نه ڪيو، نواز ليگ ڌيان ھٽائڻ چاھي ٿي