سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف تحريڪ جو سلسلو زور وٺي ويو
سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف تحريڪ جو سلسلو زور وٺي ويو، سڄي صوبي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن پاران ٻئي ڏينهن به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، سکر، خيرپور، سانگهڙ، ميهڙ سميت ٻين شهرن ۾ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاجي ڌرڻا به ڪيا پيا وڃن، تڪراري ڪئنالن خلاف ڪراچي بار جي سڏ تي سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال، عدالت جا سمورا دروازا بند ڪيا ويا،ڪيسن جي پيشيءَ لاءِ آيل سائلين جي دروازن تي رش لڳل، وڪيلن جو ايم اي جناح روڊ تي احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه تي قبول ناهن،وفاق سرڪار مطالبا تسليم ڪري ڪئنال منصوبي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، وڪيلن جا مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جاري رهندو. تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري، تڪراري ڪينالن خلاف ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽ گولا موڙ تي ڌرڻو جاري، وڪيلن، سياسي سماجي، مذهبي ۽ واپاري برادريءَ سميت عام شهرين جي شرڪت، نئين ديري ۾ پڻ سول سوسائٽيءَ جو ڌرڻو برقرار، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سکر لاڙڪاڻو روڊ ٽريفڪ لاءِ بند، گاڏين جون قطارون لڳل، سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي به روڊ جي ٻنهي ٽريڪس تي ڌرڻو لڳل، سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڏهرڪي باءِ پاس قومي شاهراهه تي ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري، سنڌ دشمن منصوبن خلاف سيٺارجا ۽ سرحد ۾ ڪئنالن خلاف هڙتال،ڪاروبار بند، ڌرڻا،سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، ڪوٽڙي، ميهڙ، نئون ديرو، اوستا محمد، واهي پانڌي، سانگهڙ، پاٽ شريف سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مارچ ۽ ريليون، 6 ڪينالن جو منصوبو پاڻي، تهذيب، ثقافت ۽ معيشت تي حملو قرار ڪينالن جو معاملو عوامي نوعيت جو آھي، سنڌ حڪومت مختلف وقتن تي ڪينال جي معاملي تي اعتراض اٿاريو، سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪري رھي آھي، پيپلز پارٽي ڪينال وارو معاملو مختلف فورمن تي اٿاريو آھي، وفاقي حڪومت جيڪڏھن معاملي تي ڳالھائڻ چاھي ٿي ته اھو سٺو سئنوڻ آھي:سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته احتجاج سبب چوپايو مال جا ڪنٽينر ڦاٿل آھن، کاڌي پيتي جون شيون خراب ٿين پيون، احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آھي،مظاھرين کي چوان ٿو ته احتجاج ڪرڻ سان عوام کي نقصان نه پھچايو وڃي