تازه ترين
تڪراري ڪينالن خلاف وڪيلن جو پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري،وفاقي سرڪار کي 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم

تڪراري ڪينالن خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري ، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان وڏي انگ ۾ سياسي سماجي قومپرستن اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، عام شهرين جي شرڪت، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، ڪينال سمورا نامنظور جي نعرن جي گونج ، وڪيلن اڄ کان ڪمون شهيد، ڪشمور ۽ ڪراچيءَ ۾ به ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تڪراري ڪينالن وارو منصوبو واپس وٺڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي هڪ ڀيرو ٻيهر 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم،ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته اڄ کان ڪمون شهيد، ڪشمور ۽ ڪراچيءَ ۾ به ڌرڻا هنيا ويندا، جيڪڏهن 72 ڪلاڪن جي اندر نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته خيمس تي منجهند 3 وڳي آل سنڌ لائيرز گڏجاڻي ٿيندي، خميس تي شام 5 وڳي پريس ڪانفرنس ڪري ريلوي ٽريڪس بند ڪرڻ جو به اعلان ڪري سگهجي ٿو، ڪينالن جي معاملي تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ٿي ڪري سگهجي، حڪومت کي هر حال ۾ منصوبو واپس وٺڻو پوندو

خبرون