عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس لاڏاڻو ڪري ويو
ويٽيڪن سٽي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا جي ڪيٿولڪ مسيحي فرقي جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس اڄ صبح 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پوپ فرانسس رومن ڪيٿولڪ چرچ جو پهريون لاطيني آمريڪي پيشوا هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊگهي بيماريءَ مان تندرست ٿيڻ کانپوءِ اسپتال مان ڊسچارج ٿيو هو. پوپ فرانسس ايسٽر آچر تي ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي. ياد رهي ته پوپ فرانسس 2013 ۾ پوپ بينيڊڪٽ جي استعيفيٰ کانپوءِ عهدو سنڀاليو هو. پوپ فرانسس ان کان اڳ ارجنٽائن جي گاديءَ واري شهر بيونس آئرس جو آرچ بشپ هو. پوپ فرانسس گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بيمار هو ۽ تازو کيس ڊبل نمونيا ٿي پئي هئي، جنهنڪري هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسپتال ۾ داخل رهيو ۽ بيماري جي ڪري هن سال ايسٽر جي ڏڻ تي عوام کي روايتي خطاب نه ڪري سگهيوهو.