سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو
سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، سينيئر جج جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه کي حلف کڻايو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چين جي دوري تي موجود آهي، جتي هـُو شنگهائي سهڪار تنظيم جي عدالتي ڪانفرنس ۾ وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي، ايس سي او عدالتي ڪانفرنس ۾ سڀاڻي کان 26 اپريل تائين چين جي شهر هانگزو ۾ منعقد ٿيندي.