پي سي بي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار ڏنو آهي.پي سي بي پنهنجي ويب سائيٽ تي هيڊ ڪوچ لاءِ اشتهار جاري ڪيو آهي. واضح رهي ته پي سي بي عاقب جاويد کي چيمپيئنز ٽرافي تائين عبوري هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو هو، پوءِ کيس نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ وڌيڪ ذميواريون ڏنيون ويون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته عاقب جاويد هاڻي هيڊ ڪوچ بدران ڊائريڪٽر آف هاءِ پرفارمنس جي عهدي ۾ دلچسپي رکي ٿو. پي سي بي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جي عهدي لاءِ اشتهار پڻ جاري ڪيو آهي. نديم خان جي استعيفيٰ کان پوءِ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس جو عهدو پڻ خالي هو. ذريعن موجب، پي سي بي هڪ ڀيرو ٻيهر پرڏيهي هيڊ ڪوچ مقرر ڪري سگهي ٿو. هيڊ ڪوچ لاءِ ليول 3 ڪرڪيٽ ڪوچ جي قابليت گهربل آهي،جڏهن ته عهدي لاءِ درخواستون 4 مئي تائين طلب ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ هيڊ ڪوچ لاءِ محدود آپشن آهن ۽ پي سي بي پرڏيهي ڪوچ جي مقرريءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پي سي بي ڪوچ لاءِ وڏن نالن جي چونڊ نه ڪندو.