راڻا ثناءُ الله جو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان فون تي رابطو
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان فون تي رابطو، ملاقات ڪري ڪئنال مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو:ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن، شرجيل انعام ميمڻ چوي ٿو سنڌ حڪومت ڪئنالن جي معاملي تي هر فورم تي پنهنجو موقف پيش ڪري چڪي آهي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام کي تڪراري ڪئنالن تي سخت خدشا آهن، پ پ سنڌ جي عوام لاءِ 91ع واري ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي به ڪئنالن جي معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي