تازه ترين
پي ايس ايل 10: اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي اڄ آمهون سامهون

پاڪستان سپر ليگ 10 جي پنجين ميچ ۾ اڄ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ پشاور زلمي آمهون سامهون ٿينديون. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رٿيل ميچ رات 8 وڳي شروع ٿيندي.اسلام آباد يونائيٽڊ جي اڳواڻي شاداب خان ڪري رهيو آهي ۽ ٻين مشهور رانديگرن ۾ ڪولن منرو، جيسن هولڊر، نسيم شاهه، عماد وسيم، سلمان آغا شامل آهن. پشاورزلمي ليجنڊ بيٽسمين بابراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان ۾ لهندي ۽ ان کي ٽام ڪوهلر ڪيڊمور، صائم ايوب، محمد حارث، حسين طلعت، سفيان مقيم جهڙن باصلاحيت رانديگرن جون خدمتون حاصل هونديون.ڪرڪيٽ جا شوقين راولپنڊي جي تاريخي اسٽيڊيم ۾ هڪ دلچسپ ۽ سنسني خیز ميچ جي اميد ڪري رهيا آهن. ميچ جون سموريون تياريون مڪمل ڪندي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم پهرين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته پشاور زلمي جي ٽيم کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو.

خبرون