تازه ترين
جنت مرزا پشاور زلمي جي سوشل ميڊيا مهم جي آفيشل سفير مقرر

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي مشهور فرنچائز پشاور زلمي سوشل ميڊيا اسٽار جنت مرزا کي پنهنجي ٽيم جو آفيشل سوشل ميڊيا ايمبيسيڊر مقرر ڪيو آهي. ٽيم پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ان جو اعلان ڪيو،جنهن موجب جنت مرزا پي ايس ايل جي 10 هين سيزن دوران پشاور زلمي جي ڊجيٽل ۽ آن لائن پروموشنل مهم جو حصو هوندي. جنت مرزا پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالوئرز رکندڙ سوشل ميڊيا اسٽارز مان هڪ آهي، ۽ پشاور زلمي سان هن ڀائيواري جو مقصد نوجوانن ۾ ٽيم جي مقبوليت وڌائڻ آهي، هوءَ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي مداحن سان بهتر رابطا قائم ڪندي. ان کان اڳ، پشاور زلمي مشهور اداڪارا ماهرا خان کي پنهنجو برانڊ ايمبيسيڊر مقرر ڪيو هو. ان کانسواءِ، پشاور زلمي ۽ ٽي سي ايل وچ ۾ ستن سالن جي ڀائيواري پڻ آهي، جنهن تحت ٽي سي ايل پي ايس ايل سيزن 9 ۾ پشاور زلمي جو سرڪاري ٽي وي پارٽنر آهي.


خبرون