ڪرسٽيانو رونالڊو فلمي دنيا ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
جڳ مشهور پورچوگالي فٽبالز ڪرسٽيانو رونالڊو فلمي دنيا ۾ پير پائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هو مشهور هالي ووڊ فلمساز ميٿيو وان سان گڏجي هڪ نئون پروڊڪشن اسٽوڊيو، "URMarv" قائم ڪري رهيو آهي. رونالڊو اڳ ئي فيشن، پرفيوم ۽ گهڙين جي برانڊز ذريعي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي ۽ هاڻي هو فلم انڊسٽريءَ ۾ پڻ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهي. هي اسٽوڊيو رونالڊو جي عالمي مقبوليت ۽ ميٿيو وان جي فلمي تجربي کي راندين ۽ سئنيما جي دنيا کي هڪ پليٽ فارم تي آڻيندو. رونالڊو هن نئين منصوبي جو اعلان سوشل ميڊيا تي خاص پوسٽ ذريعي ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن سان اها خوشخبري شيئر ڪئي. ياد رهي ته رونالڊو پنهنجو يوٽيوب چينل گذريل سال آگسٽ ۾ ئي لانچ ڪيو هو، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ فالوئرز رکندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ چينل بڻجي ويو. رونالڊو ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو منهنجي لاءِ هڪ تمام گهڻو دلچسپ مرحلو آهي، ڇاڪاڻ ته مان ڪاروباري ميدان ۾ نئين رستي تي سفر ڪري رهيو آهيان. ٻئي طرف، ميٿيو وان پنهنجا تاثر شيئر ڪندي چيو ته ڪرسٽيانو ميدان تي اهڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون آهن جيڪي مان ڪڏهن به نه لکي سگهيس ۽ هاڻي مان هن کان متاثر ڪندڙ فلمون ٺاهڻ جو منتظر آهيان. هو واقعي حقيقي زندگي جو هيرو آهي. ميٿيو وان، "ڪنگزمين" جهڙي ڪامياب فلم سيريز جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر طور صلاحيتون مڃرائي چڪو آهي.