تازه ترين
حيدرآباد سکر موٽر وي بابت حليم عادل شيخ جي بيان تي  سعديه جاويد جو ردعمل

حيدرآباد سکر موٽر وي بابت حليم عادل شيخ جي بيان تي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو ردعمل، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪوڙ ڦهلائڻ ۽ نفرت جي سياست ڪرڻ ۾ اڄ به پهريون نمبر پي ٽي آءِ جو آهي، حليم عادل شيخ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته منصوبي لاءِ 360 ارب روپيا رکيا، حقيقت اها آهي ته پي ٽي آءِ سنڌ لاءِ ڪو هڪ منصوبو شروع يا منظور نه ڪيو، جيڪڏهن هِي منصوبو ايڪنڪ مان منظور ٿيل هجي ها ته حڪومت کي انتظار ڪرڻو نه پوي ها، حيدرآباد سکر موٽر وي زمينن جي اسڪينڊل ۾ ٻئي وفاق جا آفيسر ملوث هئا، سنڌ حڪومت جي اينٽي ڪرپشن کاتي وفاق جي هڪ آفيسر کي گرفتار ڪيو، ڪرپشن ۾ ملوث ٻيو آفيسر ملڪ مان فرار ٿي ويو

خبرون