وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سهراب ڳوٺ ۾ رينجرز اهلڪار جي شهادت تي ڏک جو اظهار
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سهراب ڳوٺ ۾ رينجرز اهلڪار جي شهادت تي ڏک جو اظهار، وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، رينجرز اهلڪار جي قاتلن جي فوري طور گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت، چوي ٿو، امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو