سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم کي سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالز وارو پراجيڪٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم کي سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالز وارو پراجيڪٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هـُو وزيراعظم کي درخواست ڪري ٿو ته ڪئنال پراجيڪٽ کي ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن وزيراعظم اعلان نه ٿو ڪري ته پ پ ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي عوام سان گڏ آهي، اهو منصوبو نه ٺهندو،وفاق کي اسانجي ڳالهه مڃڻي پوندي، 8جولاءِ تي صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي جا منٽس غلط رڪارڊ ڪيا ويا، صدر سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ جي منظوري نه ڏني آهي، صدر آصف علي زرداري کي چيو ويو ته اضافي زمين آباد ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ صدر چيو ته جيڪڏهن صوبن کي اعتراض ناهي ته ڪريو،:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته پروپيگنڊا ذريعي ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت ڪئنالن جي منظوري ۾ ملوث آهي، اسان سنڌ اسيمبلي مان تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو، اهو معاملو ايڪنڪ ۾ موجود آهي اسان ان جي اُتي به مذمت ۽ مخالفت ڪنداسين، هِي معاملو اسانجي ڪنٽرول ۾ آهي اسان نه ٺهڻ ڏينداسين ، ارسا جي هن منصوبي تي اسان سي سي آءِ ۾ به مخالفت ڪنداسين، نگران حڪومت ۾ چولستان آباد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، چيو پيو وڃي ته چناب درياهه تي چنيوٽ وٽ ڊيم ٺاهينداسين، چولستان ڪئنال ٺهڻ جو چيو ويو جنهن تي اسانکي اعتراض آهي،پنجاب حڪومت جي مطابق پنهنجي حصي جو پاڻي چولستان ڪئنال ۾ شامل ڪيو ويندو، ڇا پنجاب جي انهن هارين ۽ چيف انجنيئر کان پڇيو ويو آهي؟ مان اهو چوان ٿو ته ڪئنال نه ٺهي رهيا آهن، پنجاب جو ضرور ارادو آهي، ڪالاباغ ڊيم جي مهم هڪ آمر شروع ڪئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ان خلاف مهم هلائي، ڪالاباغ ڊيم جو به ماڻهو چوندا هئا ته ٺهي رهيو آهي هاڻي اها ئي صورتحال چولستان ڪئنال تي ڪئي پئي وڃي.