ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ آئل ريفائنري ويجهو لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ آئل ريفائنري ويجهو لڳل باهه تي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو، فائربرگيڊ جون 10 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف، باهه مبينا طور تي گئس پائيپ لائين ۾ لڳڻ سبب پکڙجي وئي، حتمي سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري، ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا، باهه وسائڻ وارو آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نقصان جو اندازو لڳائي سگهبو، فائربرگيڊ اختيارين، باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏئي ڇڏيو