پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلو اُٿاري ڇڏيو
پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلو اُٿاري ڇڏيو، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي سلامتي ڪائونسل ۾ چيو ته ڪشمير مسئلو بدستور سلامتي ڪائونسل ايجنڊا تي آهي، ان جو منصفاڻو ۽ حتمي حل موجود آهي، ڪشميري عوام سان خودمختياري واري حق جو واعدو ڪيو ويو هو، سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها ڪشميري عوام جي حق کي يقيني بڻائي