ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي بلوچستان مان گرفتاريءَ کي 9 سال مڪمل ٿي ويا
ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي بلوچستان مان گرفتاريءَ کي 9 سال مڪمل ٿي ويا، ڀارتي ايجنٽ جي گرفتاري پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪاميابي جو ثبوت آهي، ڪـلڀوشن ياديو جي گرفتاري پاڪستاني ادارن جي پيشواراڻين مهارتن کي اجاگر ڪيو،ڀارت جي منهن تان امن دعوائن جو نقاب به لهي ويو، ڀارتي نيوي آفيسر ڪـلڀوشن کي 2013ع ۾ “را” دهشتگرديءَ جو ٽاسڪ ڏنو هو، ڪـلڀوشن جي اعترافن، دستاويزن ۽ ثبوتن ڀارت جي ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو،ڀارتي دهشتگرد کي 2016 ۾ بلوچستان جي علائقي ماشڪيل مان گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان ايران ذريعي پاڪستان آيو، ڪـلڀوشن جو مشن پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ فرقيواريت کي ڀڙڪائڻ هو.