تازه ترين
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي، صدر آصف علي زرداري پاران آرمي چيف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار، سندس چوڻ آهي ته سوڳوار ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وزيراعظم جو آرمي چيف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار، مرحومه جي بلند درجن جي دعا، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پاران آرمي چيف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار، سوڳوار ڪٽنب سان همدردي ۽ تعزيت، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار جو آرمي چيف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار، مرحومه جي بلند درجن ۽ پونئرن کي صبر جي دعا.

خبرون