تازه ترين
تڪراري ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽيءَ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون

تڪراري ڪئنالن خلاف پيپلز پارٽيءَ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون پيون وڃن، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلي، خانپور مهر ۽ ٺارو شاهه سميت ٻين شهرن ۾ مظاهرا، سنڌوءَ تي تڪراري ڪئنال نامنظور، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پ پ جو واضع موقف آهي ته سنڌو مٿان تڪراري ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، ڪئنال منظور ناهن، شهيد راڻي ڪالاباغ ڊيم جي به مخالفت ڪري رد ڪرايو هو، پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي ڳالهه ڪئي آهي، پاڻي جي اڳ ئي سخت کوٽ آهي، تڪراري ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري، تڪراري ڪينالن خلاف شاگرد، استاد، وڪيل، صحافي، سياسي سماجي، قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جا ڪارڪن توڙي ٻارڙا روڊن تي نڪري آيا، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پيادل مارچ، ريليون ۽ ڌرڻا، رتوديرو، ميهڙ ۾ به احتجاجي مظاهرا، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سان لاڙ پٽي سجاول، بدين، ٺٽي ضلعن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ سڄي سنڌ سڪي ويندي، سنڌو درياهه سنڌين جو جياپو آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ وڙهندو، چولستان ۽ ٻيا ڪئنال قبول ناهن، سنڌ کي بنجر بڻجڻ نه ڏنو ويندو

خبرون