تازه ترين
سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري

سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري، تڪراري ڪينالن خلاف شاگرد، استاد، وڪيل، صحافي، سياسي سماجي، قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جا ڪارڪن توڙي ٻارڙا روڊن تي نڪري آيا،ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پيادل مارچ، ريليون ۽ ڌرڻا، ڪنڌڪوٽ، قمبر، لالو رائنڪ، وارهه، نصيرآباد، ميهڙ، خانپور مهر، شاهپورجهانيان، ڳڙهي خيرو، سن، هالاڻي، ڀان سيد آباد، ٺل، کپري، ميرپور بٺوري، اوڏيرو لال، تلهار، رپڙي سميت ٻين شهرن ۾ به احتجاجي ريليون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سان لاڙ پٽي سجاول، بدين، ٺٽي ضلعن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ سڄي سنڌ سڪي ويندي، سنڌو درياهه سنڌين جو جياپو آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ وڙهندو، چولستان ۽ ٻيا ڪئنال قبول ناهن،سنڌ کي بنجر بڻجڻ نه ڏينداسين. تڪراري ڪئنالن خلاف ٽنڊي محمد خان ۾ قومپرستن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، خانپور مهر ۾ شاگردن جي ٺڪراٺو پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پٿوري ۾ به تڪراري ڪئنالن خلاف صوفي فقير کان راجا رستي تائين 10 ڪلوميٽر پيادل ريلي، شٽربند هڙتال، جهوڪ شريف ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار کان مک بس اسٽاپ تائين پيادل مارچ ، ڌرڻو، ٽنڊي محمد خان سنڌ بچايو تحريڪ پاران احتجاجي ريلي، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو ، ٽريفڪ معطل، ميرپورساڪري کان ٻـُهارا بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نوابشاهه ۾ به تڪراري ڪئنالن خلاف صحافي تنظيم جي سڏ تي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو .

خبرون