تازه ترين
راڻا تنوير حسين، کنڊ 180 روپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، کنڊ 180 روپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ناهي ٿيو، حڪومت کنڊ جي قيمتن تي ايڪشن ورتو جنهن سان کنڊ پنج روپيا في ڪلو سستي ٿي، ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 164 روپيا في ڪلو آهي ۽ وزيراعظم کنڊ جي قيمت جي تعين لاءِ اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪيندي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي ڪنهن کي قيمت نه وڌائڻ ڏينداسين

خبرون