تازه ترين
نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ به شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ به شڪست ڏئي ڇڏي، ڊونيڊن جي ميدان تي کيڏيل مئچ 15 اوورز تائين محدود ڪئي وئي، پاڪستان نيوزيلينڊ کي 136 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو ميزبان ٽيم 13 هين اوور ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ٽِم سيفرٽ 45 ۽ فِن ايلن 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ لائين هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام، ڪپتان سلمان آغا 46 ۽ شاداب خان 26 رنسون ٺاهي سگهيا، ڪيويز طرفان جيڪب ڊَفي، بين سيئرس، جيمز نيِشم ۽ اِش سوڌي 2 – 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، پنجن ٽي ٽوئنٽي جي سيريز ۾ ڪيويز کي ٻه ٻڙي تان برتري حاصل

خبرون