نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ جي فائنل پهچي وئي
نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ جي فائنل پهچي وئي، لاهور ۾ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ ٻئي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ طرفان مليل 363 رنسن جي هدف جي مقابلي ۾ مقرر 50 اوورن ۾ 312 رنسون ٺاهي سگهي، آفريڪي بيٽر ڊيوڊ ملر سينچري ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪيويز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 362 رنسون ٺاهيون، رچن رويندرا ۽ ڪين وليمسن جون سينيچريون، رچن 108 ۽ وليمسن 102 رنسن جي اننگ کيڏي، ڊيرل مچل ۽ گلين ڦلپس 49-49 رنسون ٺاهيون