حيدرآباد ۾ مقبول ڳائڻي عابده پروين سان شام ملهائي وئي
حيدرآباد ۾ مقبول ڳائڻي عابده پروين سان شام ملهائي وئي *ملڪ جي مشهور ڳائڻي ميڊم عابده پروين سان هڪ شام بسنت هال انتظاميا طرفان حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ هزارين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري عابده پروين جا ڪلام ٻڌا. عابده پروين محفل جي شروعات من ڪنت مولا جي ڪلام سان ڪئي. محفل ۾ آيل شهرين ڪلام وڏي غور سان ٻڌا. عابده پروين جي ڪلام يار ڪو هم ني جا بجا ديکا محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.