ايران پاران اسرائيلي جي ڪيترن ئي شهرن تي حملو،10 اسرائيلي مارجي ويا،سوين زخمي
ايران پاران اسرائيلي جي ڪيترن ئي شهرن تي حملو،10 اسرائيلي مارجي ويا،سوين زخمي *اسرائيلي جي حملن جي جواب ۾ ايران پاران اسرائيلي جي ڪيترن ئي شهرن تي حملو ڪرڻ سبب 10 اسرائيلي مارجي ويا،سوين اسرائيلي زخمي ٿي پيا . تل ابيب، حيفا، تمرا آبادڪاري ۽ ڪيترن ئي شهرن کي 100 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ۽ هائپرسونڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. ايران ڊرون پڻ استعمال ڪيا آهن، جنهن ۾ 10 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ايراني عملدارن چيو ته اسرائيلي فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا ويا آهن، ميزائل اتر اسرائيل ۽ ساحلي شهر حيفا ۾ نشانو بڻيا، اسرائيلي شهر ڌماڪن سان گونجيا، هر طرف خوف ۽ هراس جو ماحول پکڙجي ويو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي باهه لڳي وئي. ان کانسواءِ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته تل ابيب جي ويجهو بيت يام علائقي ۾ 35 ماڻهو گم آهن. اسرائيلي ميڊيا تصديق ڪئي ته ايراني ميزائل تل ابيب، حيفا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪريا، ايراني حملي ۾ هڪ عورت سميت ڇهه اسرائيلي مارجي ويا، ۽ حيفا ۾ هڪ آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي. انقلابي گارڊز خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل نه روڪيو ته اهي حملا وڌائيندا.