آمريڪا اسرائيل ايران جنگ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو: ڊونلڊ ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل ايران جنگ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو پر هن وقت آمريڪا ڪنهن فوجي ڪارروائي ۾ ملوث ناهي، هـُو روسي هم منصب کي ڇڪتاڻ ۾ ٽياڪڙ طور ڏسڻ چاهي ٿو، آمريڪي عملدارن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر کي قتل ڪرڻ جي اسرائيلي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان ۾ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ته جلد اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ امن ڪرائينداسين، ائين ئي معاهدو ڪرائينداسين جيئن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرايو هو، ٻنهي ملڪن کي معاهدو ڪرڻو پوندو
Designed & Developed by
Aftab Tunio