پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي وڌو
پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي وڌو، سڪيورٽي ذريعن موجب ڀمبر جي علائقي مناور سيڪٽر ۾ دشمن ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي جاسوسي جي ڪوشش ڪئي پر پاڪ فوج ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر جي ايل او سي تي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ناڪام بڻائيندي ڪيرائي وڌو،پاڪ فوج بروقت ڪارروائي ڪري دشمن جي ڪِريل ڪوشش کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو تڪڙو ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي