تازه ترين
چين، دهشتگرديءَ خلاف موقف تي پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

چين، دهشتگرديءَ خلاف موقف تي پاڪستان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، چيني پرڏيهي وزير وانگ اِي جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي رابطو، اسحاق ڊار پاران پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي چيني هم منصب کي بريفنگ ڏني، چين پاڪستان طرفان پهلگام واقعي جي شفاف جاچ جي مطالبي جي آجيان ڪئي، اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پـُرعزم آهي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خواهشمند ناهي، پاڪستان معاملي کي سنجيدگي ۽ ذميواري سان سنڀالڻ جو ارادو رکي ٿو،چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين خطي جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون،چين هميشه پاڪستان جي دهشتگردي خلاف موقف جي حمايت ڪئي آهي، چين پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو

خبرون