بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جو حيدرآباد جي تڪ پي ايس 61 جي مختلف ڳوٺن جو دورو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو حيدرآباد جي تڪ پي ايس 61 جي مختلف ڳوٺن جو دورو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، پ پ اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ، مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ڪيل گهرن جو معائنو ڪيو، اهي گهر آبڙي، ڳوٺ هارون شيخ، جهنڊو کوسو ۽ همت آباد ۾ ٺاهيا ويا آهن، بلاول ڀٽو زرداري گهرن جي مالڪاڻن حقن جون سندون عورتن ۾ ورهايون،پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻـُڌا ۽ حڪومت طرفان فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو ورتو